اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو آهي ته قوم اڄ پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي سل??م پيش ڪري ٿي، جن ڀارتي جارحيت جي خلاف ملڪ جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ انهي جذبي جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته هٿياربند فوج ۽ قوم متحد ٿي پنهنجي جاگرافيائي سالميت جي خلاف ڀارتي جنگي جنون کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. هن ??يو ته تاريخي ٻوڏ جي تباهين ۽ ٻين مسئلن کي ??نه?? ڏيندي اسان کي اڄ 1965ع جي جذبي جي ضرورت آهي. قوم جو اتحاد ئي اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. هٿياربند فوج ۽ عوام جي اتحاد جي رشتي کي ٽ??ڙڻ جو ارادو ڪندڙ پاڪستان جو دوست نه ٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته اچو قوم جي اتحاد جي ان رشتي کي مضبوط بڻايون.