اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ڪي پي ڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن لا??ِ ڀرپور وس??لا وقف ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ مسلسل ڪوششون جاري رکيون آهن. پاڪ فضائيه اهڙن ڏورانهن علائقن ۾ راشن، دوائون ۽ ضرورت واريون شيون ڪيرائڻ لا??ِ هيليڪاپٽر آپريشن ڪري رهي آهي، جتي زميني رابطا مڪمل طور ڪٽيل آهن، ٻوڏ متاثر جي وڌ کان وڌ امداد لا??ِ فلڊ رليف ڪيمپن ۾ بحاليءَ جي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي. پاڪ فضائيه جي اهلڪارن پڻ ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ ۽ طبي امداد جي فراهميءَ سان گڏوگڏ ٻين ضروري شين جي فراهميءَ لا??ِ ڏينهن رات ڏينهن مصروف آهن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق ٻوڏ متاثرن جي تڪليفن جي ازالي لا??ِ پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن گذريل 24 ڪلاڪن دوران ضرورتمندن خاندانن ۾ 23120 پڪل کاڌي جا پيڪيٽ، 2130 پاڻيءَ ??ون هوتلون ۽ 3343 خشڪ راشن جا پيڪيٽ ??رهايا، جن ۾ کاڌي پيتي ??ون شيون شامل آهن.