اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار ۾ اضافي تي ڌيان ڇڪرائيندي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه ترڪيه لاءِ پاڪستان جي نام??د سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر نام??د سفير کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ترڪيه سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته شين جي واپار جي معاهدي تي صحيحن ??ان وچولي مدي ۾ 5 ملي?? ڊالر جو ٻطرفو واپاري هدف حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ٿيندي. هن سڄي دنيا ۽ خاص طور تي هندستان ۾ جتي مسلمانن کي روزاني جي بنياد تي هراسان ڪيو پيو وڃي، اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي لاءِ ترڪيه جي حمايت جو اعتراف ڪيو. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيه پاران پاڪستان جي حمايت تي به ٿورا مڃيا ۽ نام??د سفير کي چيو ته هو ترڪيه کي انهن جذبن کان آگاهه ڪري. صدر نام??د سفير کي يقين ڏياريو ته پاڪستان ترڪيه جي بنيادي ايشو تي ان جي حمايت لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان جي ترڪيه سان لاڳاپن جي قيام کانپوءِ هي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مجموعي طور تي 190 کان وڌيڪ معاهدن/ مفاهمت جي ياد??شت?? تي صحيحون ڪيون ويون آهن.