اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي( دفاع واري وفاقي وزير خواج?? محمد آصف چيو آهي ته مون کي اميد آهي ته آئنده ??مورا ادارا آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪندا، حڪومت سياسي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ صوبائي حڪومت جي مدد ڪندي، قومي سلامتي کان به اهم معاشي سيڪيورٽي آهي، جيڪڏهن ملڪ جي معاشي سيڪيورٽي نه هوندي ته ملڪ معاشي طور تي مضبوط نه هوندو ته قومي سلامتي ۽ دفاعي سلامتي کي به خطرو هوندو، هن وقت سوا?? ۾ ??فغان??تا?? جي ڪري صورتحال خراب ٿي، ان تي ضابطو آندو ويندو، پاڪ??تا?? ۾ امن لاءِ افغان??تا?? ۾ امن هجڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن عرب نيوز جي سالياني ڪانفرنس 2022ع کي خطاب ڪندي ڪيو. دفاع واري وزير خواج?? محمد آصف چيو ته سعودي عرب ۾ ڪجهه عرصي کان ڪيتريون ئي تبديليون خاص طور تي محمد بن سليمان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ آيون آهن. هن چيو ته سعودي عرب ۾ آيل تبديلين ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪيو، تيزي سان بدلجندڙ دنيا سان گڏوگڏ ميڊيا ۾ به تبديليون آيون، پرنٽ کانپوءِ ٽي تي ۽ هاڻي ڊجيٽل ميڊيا جو دور آهي، ميڊيا ??دا??ين سوسائٽي جي تڪميل لاءِ ڪردار ادا ڪيو. دفاع واري وزير چيو ته پاڪ??تا?? ۾ به ميڊيا وڏي ترقي ڪئي آهي، موجوده ??التن ۾ ميڊيا کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان جي خطي ۾ دهشتگردي جا مسئلا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان آهن، خيبرپختونخوا ۾ سياسي صورتحال سبب سوات ۽ ٻين اترين علائقن ۾ صورتحال خراب ٿي، وفاقي حڪومت صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ صوبائي حڪومت جي مدد ڪندي. هن چيو ته پاڪ??تا?? جو يوڪرين جي جنگ ۾ ڪو به ڪردار نه آهي، پاڪ??تا?? ڪنهن جي جنگ ۾ شامل نه آهي، اسان جي دلچسپي ته اها آهي ته امن هجي ۽ گڏيل قومن جي قانونن تي عمل ٿئي. اسان آمريڪا لاءِ جنگيون وڙهيون، آمريڪا سان اسان جا اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، پرڏيهي وزير ۽ آرمي چيف آمريڪا جا دورا ڪيا جيڪي مثبت رهيا آهن.