اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پيمرا ۾ جنسي طور خوفزده ڪرڻ جو ڪيس ٻيهر شنوائي جي لاءِ خوفزده ڪرڻ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي حوالي ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پيمرا جي هڪ جنرل مئنيجر کي عورت کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ هڪطرفي سزا ٻڌائي وئي هئ??، پيمرا جي جنرل مئنيجر ان فيصلي کي چئلينج ڪيو هو جنهن ۾ پيمرا جي اڳوڻي ڊا??ريڪٽر جنرل کي هڪ عورت ساٿي کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جي ڪيس ۾ صدر ڊي جي پيمرا کي ”نوڪري تان برطرفي“ ۽ 25 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئ?? ۽ مٿس ڊي جي جو ساٿ ڏيڻ جو الزام هنيو ويو هو. صدر ڪيس هراسگي جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي حوالي ڪندي چيو ته جوابدار، زندگي کي خطرو هجڻ جي ڪري پاڪستان کان ٻاهر موڪل تي هو، محتسب ڪيس جو فيصلو هڪطرفي طور ڪيو، خوفزده ڪرڻ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب ڪم واري جاءِ تي جوابدار کي شنوائي جو موقعو فراهم ڪري. صدر چيو ته انصاف جي اصولن موجب جوابدار جي ايم کي ٻڌڻي جو مناسب موقعو ڏنو وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار جي ايم ۽ ان جي وڪيل بيان رڪارڊ ڪرڻ ۽ وڊيو ڪانفرنس جي ذريعي آڏي پڇا جي لاءِ دستيابي جي خاطري ڪرائي آهي. صد?? هدايت ڪئي ته ڪيس نئين سر ٻڌڻي جي لاءِ محتسب جي حوالي ڪيو وڃي ٿو جنهن جو 60 ڏينهن ۾ فيصلو ڪيو وڃي. هن دير سان جوابدار جي ايم کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ جو موقف رد ڪري ڇڏيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان جي سماجي ۽ ثقافت?? ماحول ۾ خاندان جي عزت ۽ آبرو جي رواج جي ڪري هڪ عورت جي لاءِ اهڙي پريشان ڪ??دڙ واقعن بابت ڳالهه ڪرڻ آسان نه آهي، اهڙن ڪ??سن ۾ جوابدار پاران عورت جي ڪردار جي خلاف جوابي الزامن جو انديشو به هوندو آهي. صدر چيو ته انهن سببن جي بنياد تي جنسي هراسگي جا ڪيترائي ڪيس رپورٽ نه ٿا ٿين، جنسي هراسگي جا متاثر معاملي کي رپورٽ ڪري همت جو مظاهرو ڪن ٿا. صدر چيو ته شڪايت داخل ڪرائڻ ۾ دير جي بنياد تي اهڙن ڪ??سن کي رد نه ڪرڻ گهرجي.