اسلام آباد / لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته حڪومت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي، خصوصي ماڻهن کي سڄي دنيا ۾ مختلف مسئلا درپيش آهن، دلي خوشي آهي ته سوشل ويلفيئر کاتو خصوصي ماڻهن جي بحالي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ??هيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سوشل ويلفيئر جي تعاون سان نشيمن اداري ۾ مشعل راهه فائونڊيشن جي پراجيڪٽ مسڪن کي خطاب ڪندي ڪيو. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو ت?? معذوري هڪ عالمي مسئلو آهي جڏهن ته خصوصي ماڻهن کي سڄي دنيا ۾ مسئلا درپيش آهن، اسان کي اهڙن ماڻهن کي اهو احساس ڏيارڻ گهرجي ته اهي اسا?? سڀني وانگر گهٽ نه آهن. هن چيو ت?? خصوصي ماڻهن کي الله تعاليٰ تمام گهڻين صلاحيتن سان نوازيو آهي، حڪومت خصوصي ماڻهن جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري ??هي آهي جڏهن ته پبلڪ پارٽنرشپ تحت مختلف ادارا ۽ تنظيمون خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪري ??هيا آهن، اسا?? سڀني کي گڏجي انهن ماڻهن کي معاشي ۾ عزت ڏيڻي پوندي. هن چيو ت?? صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جو خصوصي ماڻهنجي ڀلائي ۾ اهم ڪردار آهي، سمورن شعبن ۾ معذور ماڻهن کي هر قسم جي سهولتن جي دستيابي لازمي آهي. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ت?? حڪومت معذور ماڻهن جي ڀلائي لاءِ سمورن ادارن کي هدايت ڪري ٿي ??ه اهي معذور ماڻهن ۽ ٻارن کي ان حوالي سان آگاهي ڏين ته اهي پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائين، ان سلسلي ۾ سمورن کاتن جي پاڻ ۾ بهترين ڪوآرڊينيشن هجڻ گهرجي ته جيئن معذور ماڻهن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهمڪري ??گهجن. خاتون اول چيو ت?? معذور ماڻهنک ي معاشري ??و ڪارائتو شهري ??ڻائڻ جي لاءِ پبلڪ پارٽنرشپ تحت اسڪيمون به متعارف ڪرايون پيون وڃن ته جيئن انهن جو احساس محرومي ختم ٿئي ۽ انهن کي برابر حق ملن.