اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب جي پرڏيهي و??ير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي و??جائيندي ٻنهي پرڏيهي و??ير?? گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم کي و??جايو. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين بابت امداد تي سعودي عرب جي قيادت جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي و??ير پنهنجي سعودي هم منصب کي ”ڪلائميٽ ريزيلينٽ پاڪستان“ بابت ايندڙ عالمي ڪانفرنس کان آگاهه جيڪا 9 جنوري تي جنيوا ۾ منعقد ٿي رهي آهي. سعودي پرڏيهي و??ير پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن جي سمورن قدمن جي لاءِ سعودي عرب جي ڀرپور حمايت کان آگاهه ڪيو. ٻنهي پرڏيهي و??ير?? افغانستان جي تازي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن عورتن جي حقن جي ضمانت ۽ زندگي جي سمورن رخن ۾ انهن جي مڪمل ۽ برابر شرڪت جي اهميت کي و??جايو. هنن افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي لاءِ پنهنجي حمايت ۽ افغان عوام جي لاءِ وڌيڪ پائيدار مستقبل جي تعمير جي لاءِ عالميم شموليت جي اهميت کي و??جايو.