ابوظهبي – 04 – جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب ام??را?? ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمزي چيو آهي ته سنڌ جي تهذيب عالمي ورثي ۾ ڀرپور حصو وڌو آهي، اسان وٽ گنڌارا تهذيب، اسلامي ورثو ۽ سک ورثو آهي جنهن کي اسان گڏيل عرب ام??را?? ۾ فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، گڏيل عرب ام??را?? ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، پاڪستاني گڏيل عرب ام??را?? کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جڏهن ته جاگرافيائي ويجهڙائپ گڏجي ڪم ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿي. ابوظهبي ۾ ايمريٽس نيو?? ايجنسي کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته ٻطرفو واپار گذريل سال جي ڪاٿي 10.6 بلين آمريڪي ڊالر کان وڌي ٻيڻو ٿيڻ جي اميد آهي، گذريل ڪلينڊر سال جي دوران يو اي اي سان پاڪستان جي واپار جو ڪاٿو وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا جي خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ رهيو ان جي باوجود ان ۾ وڌيڪ اضافي جي گنجائش ??هي. هن چيو ته مون کي منهنجي ملڪ جي سياسي قيادت واپار وڌائڻ، ڪاروباري موقعن کي فروغ ڏيڻ، سيڙپڪاري ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??را?? جي وچ ۾ ثقافتي رابطن کي وڌائڻ جو ڪم ڏيڻ ??هي. هن چيو ته گڏيل عرب ام??را?? ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، پاڪستان گڏيل عرب ام??را?? کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي جاگرافيائي قربت گڏجي ڪم ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿي. سفير چيو ته اٽڪل 1.6 ملين پاڪستاني گڏيل عرب ام??را?? ۾ رهن ٿا ۽ 21 – 2020ع دوران انهن 6.11 بلين ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو موڪليو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل عرب ام??را?? سان جامع اقتصادي حصيداري جي معاهدي (سي پي اي) تي ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ اميد آهي ته سال جي آخر تائين ان ڏس ۾ اهم اڳڀرائي ٿيندي، اسان ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون، اهو تمام اهم ??هي. پاڪستان جي واپار واري زارت گڏيل عرب ام??را?? ۾ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ ??هي. فيصل نياز ترمذي چيو ته گڏيل عرب ام??را?? خطي ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي، اقصادي حصيداري جو جامع معاهدو سي پي اي ٻنهي ملڪن کي پنهنجي گڏيل واپار کي ڪيترائي ڀيرا وڌائڻ جو موقعو فراهم ڪندو. هيستائين گڏيل عرب ام??را?? ٽن ملڪن سان معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. سفير ٽن شعبن بشمول آءِ ٽي، فنٽيڪ ۽ اسٽارٽ اپس تي روشني وڌي جتي پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??را?? وڌيڪ تعاون ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته گذريل سال انهن شعبن ۾ اسان جو روانگي واپار وڌي 3 بلين آمريڪي ڊالر تائين پهچي ويو. اسان وٽ هنرمند افرادي قوت ۽ نوان اسٽارٽ اپس آهن، گڏيل عرب ام??را?? ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وڌيڪ تعاون جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. سفير ترمذي چيو ته گڏيل عرب ام??را?? پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ انساني بنيادن تي فراخدلاڻي امداد فراهم ڪئي جنهن تي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. گڏيل عرب ام??را?? تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن تائين انساني امداد پهچائڻ جي لاءِ هڪ فضائي پل قائم ڪئي، هن امدادي سامان جي 70 کان وڌيڪ اڏامون پاڪستان موڪليون. هن چيو ته پاڪستان ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي جي ايندڙ مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو ??هي. ان سلسلي ۾ 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان جي موضوع تي هڪ عالمي ڪانفرنس جو انعقاد ڪري هيو آهي ته جيئن تباهي آڻيندڙ ٻوڏن کانپوءِ بهتر نئين سر تعمير جي لاءِ عالمي برادري جي مدد کي متحرڪ ڪري سگهجي. ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ملڪ جو وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪندا. اها ڪانفرنس متاثر ماڻهن جي زندگين ۽ روزگار جي بحالي جي لاءِ ??ڪ وڏي پئماني تي نئين سر تعمير جي ڪوشش هوندي. هن چيو ته گڏيل عرب ام??را?? موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن جي قيادت ڪري رهيو آهي جهڙوڪ هو نومبر 2023ع ۾ ڪوپ – 28 جي ميزباني ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو عالمي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ حصو رڳو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي جڏهن ته موسمياتي اثرن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل ??هي. هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته موسمياتي تبديلين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ڇو ته آبهوا ۽ ماحول اسان جي سياري جو گڏيل ورثو ??هي. هن چيو ته گروپ 77 جي سربراهه جي حيثيت سان پاڪستان شرم الشيخ موسمياتي تبديلي ڪانفرنس (ڪوپ – 27) ۾ زيان ۽ نقصان جي فنڊ جي قيام جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي، اسان انهي ڳالهه کي اڳتي وڌائينداسين ته اهي ملڪ جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بري طرح متاثر ٿيا آهن انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻو پوندو. سفير چيو ته گڏيل عرب ام??را?? صاف توانائي جي شعبي ۾ برتري حاصل ڪئي آهي، هو ٽيڪنالاجي ۽ شمسي، هوا يا ڪنهن ٻئي قابل تجديد ذريعن جهڙن منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو ??هي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان گڏيل عرب ام??را?? سان گڏجي ڪم ڪندو ۽ تمام جلد انهن ڳالهين جو نتيجو نظر ايندو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي شروع ٿي چڪيون آهن. اميد آهي ته پاڪستان ۾ قابل تجديد ذريعن جو ??ڪ وڏو منصوبو عملي شڪل اختيار ڪندو. سفير ڪجهه اهڙن شعبن جي نشاندهي ڪئي جتي ٻئي ملڪ پنهنجي تعاون کي وڌائي سگهن ٿا ۽ چيو ته پاڪستان جي واديءَ سنڌ جي تهذيب عالمي ورثي ۾ ڀرپور حصو وڌو ??هي. هن چيو ته اسان وٽ گنڌارا تهذيب، اسلامي ورثو ۽ سک ورثو آهي جنهن کي اسان گڏيل عرب ام??را?? ۾ فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا. سفير چيو ته اسان ام??را??ي رهواسين سان گڏوگڏ ٻين قوميتن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ ملڪ جي قدرتي حسن ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها ته پنهنجي شاندار ۽ والهداڻي قدرن مان لطف اندوز ٿيڻ جي ترغيب ڏينداسين.