پشاور – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ خيبرپختونخواهه جي مجموعي صورتحا?? تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير، چيف سيڪريٽري، خيبرپختونخواهه جي آءِ جي ۽ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس موجب اجلاس ۾ صوبي ۾ سيڪيورٽي جي مختلف رخن تي روشني وڌي وئي. صدر کي دهشتگر??ي جي سببن ۽ روڪڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي صدر خيبرپختونخواهه پوليس سميت سيڪيورٽي ادارن جي خدمتن ۽ قربانين کي خراج عقيدت پ??ش ڪيو.