اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سادگي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي حوالي سان جيڪي تاريخي فيصلا ڪيا ويا انهن جا ڏورس نتيجا نڪرندا، فيصلن کي عوام ۾ پذيرائي ملي آهي، فيصلا لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير ق??بل قبول نه هوندي ۽ اهي سختي سان لاڳو ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومتي سطح تي ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي پاليسي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ته وفاقي ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي حوالي سان جيڪي تاريخي فيصلا ڪيا ويا انهن جا ڏورس نتيجا نڪرندا، انهن فيصلن تي عملدرآمد سان قومي خزاني جي بچت ٿيندي. وز??راعظم چيو ته انهن فيصلن کي عوام ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي جڏهن ته موثر نتيجن جو دارومدار ق??من تي ڀرپور عملدرآمد ۾ آهي. وز??راعظم سادگي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ ??ر اتحادي پارٽي جي ڪابينا ميمبر جي نمائندگي هوندي. هن هدايت ڪئي ته ڄاڻايل فيصلا لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير ق??بل قبول نه هوندي ۽ اهي سختي سان لاڳو ٿيندا. ڄاڻايل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت جو موقعو ڪميٽي ۾ موجود ??ر اتحادي پارٽي جي ڪابينا ميمبر کي ڏنو ويندو. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ وز??راع??م جو خاص معاون محمد جهانزيب خان، وز??راع??م جو پرنسپل سيڪريٽري ۽ ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري شامل هوندا. وز??راعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته ان ڪميٽي جو اجلاس هڪ مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا منعقد ڪيو ويندو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وز??ر راڻا تنوير حسين، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وز??ر طارق بشير چيما، وز??راع??م جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره، پاور ڊويزن واري مملڪتي وز??ر هاشم نوتيزئي، وز??راع??م جي خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.