اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سبي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ??يو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي ۽ شهيد اهلڪارن جي گهرڀ??تي?? سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ??يو آهي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ايجنڊا جو حصو آهي. پاڪ زمين کي دهشتگردي جي لع??ت کان پاڪ ڪنداسين. شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر ڏي. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي به دعا ڪئي.