ڪراچي – 06 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي هندو برادري سميت سڄي دنيا ۾ هولي ملهائيندڙن کي رنگن جي ڏڻ جي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول هائوس ميڊيا س??ل پاران جاري بيان موجب پيپلزپارٽي جي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هولي جو ڏڻ معاشري ۾ ڀائيچاري جي فروغ ۽ تلخين کي وساري اڳتي وڌڻ جي علامت آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي هندو برادري جو مل?? جي ترقي ۽ قوم سازي ۾ سدائين فخر جوڳو ڪردار ??هيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1973ع جو آئين جيڪو مل?? جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار ??لي ڀٽو جو قوم کي هڪ تحفو آهي، اقليتن سميت سمورن شهرين کي هڪ جهڙا حق ڏي ٿو. هن چيو ته هر قسم جي امتياز جو خاتمو، رواداري کي فروغ ۽ مساوات تي بيٺل معاشري ج?? قيام پاڪستان پيپلزپارٽي جو نصب العين آهي. هن چيو ته بطور قوم جي باني وڏن جي نظريي جي واحد علمبردار پاڪستان پيپلزپارٽي مل?? ۾ بين المذاهب هم آهنگي بابت پنهنجي اڻٿڪ عزم سان گڏ بيٺل آهي.