لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم جي شعبي ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏيندڙ يونيورسٽي آف ايجوڪيشن لاهور جي وائيس چانسلر ۽ ملڪ جي ناليواري اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا (ستاره امتياز) کي هلال امتياز عطا ڪيو. ترجمان ??وج?? گذريل سال ملڪ ج?? ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سائنس، انجنيئرنگ ۽ تعليم جي شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي تي پروفيسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا (ستاره امتياز) کي هلال امتياز عطا ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي عملدرآمد گذريل ڏينهن 23 مارچ 2023ع تي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ پروقار تقريب دوران ڪيو ويو. ترجمان ??وج?? پروفيسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا کي ان کان اڳ 2015ع ۾ ويٽرنري سائنسز جي شعبي ۾ بهترين خدمتن تي ستاره امتياز ۽ 2009ع ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاران بيسٽ ٽيچر ايوارڊ پڻ عطا ڪيو ويو آهي. درس ۽ تدريس ۽ ان??ظا??ي شعبي ۾ 4 ڏهاڪن کان وڌيڪ جو تجربو رکندڙ ناليواري اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا کي ملندڙ هن ايوارڊ تي سڄي ملڪ جي تعليمي ۽ ان??ظا??ي ڌُرين خوشي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان ??وج?? يونيورسٽي آف ايجوڪيشن لاهور جي استادن، اسٽاف ۽ شاگردن پڻ اداري جي سربراهه کي ان اهم ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي.