اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچي ۾ رمضان المبارڪ جي ڏينهن ۾ گئس جي کوٽ جو نوٽيس ورتو آهي، اميد آهي ته جلد ئي اهو مسئلو حل ٿي ويندو. قومي اسيمبلي ۾ آغا سيد رفيع الله جي نقطي، ته ڪراچي ۾ سحر ۽ افطار دوران ماڻهن کي گئس جي ک??ٽ درپيش آهي، تي وزيرا??ظم شهباز شريف چيو ته آئون ان شڪايت جو نوٽيس وٺي چڪو آهي??ن، اسان ان ڏس ۾ اجلاس رکيو آهي اميد آهي ته جلد ئي اهو مسئلو حل ٿي ويندو.