اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم پنهنجي هيروز، غازين ۽ شهيدن ۽ انهن جي خاندانن سان ??ڻٿ?? يڪجهتي جي لاءِ اڄ تڪريم شهداءِ پاڪستان ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، 9 مئي پاڪستان جي محافظن، معمارن ۽ ان کي ڪمزور ڪندڙن جي وچ ۾ ورڇ جي لڪير ڪڍي ڇڏي آ??ي. ??زيرا??ظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته قوم پنهنجي هيروز، غازين ۽ شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ انهن جي خاندانن سان پنهنجي ??ڻٿ?? يڪجهتي جي اظهار لاءِ تڪريم شهداءِ پاڪستان ڏهاڙو انتهائي عقيدت سان ملهائي رهي آ??ي. ??زيرا??ظم چيو ته هو 9 مئي جي المناڪ واقعن کي رڳو هڪ احتجاجي طور نه ٿو ڏسي جيڪي پرتشدد ٿي ويا. انهن ماڻهن جا ارادا جن انهن واقعن جي منصوبابندي ڪئي هئي اهي اصل ۾ تمام گهڻا خطرناڪ هئا ۽ اها شرمناڪ واقعن جي هڪ واضح شڪل هئي ۽ پوري قوم ڏٺو ته ڪهڙي طرح ڪجهه ماڻهن جي اقتدار جي هوس انهن کي اهو ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو جيڪو اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو. وزيرا??ظم چيو ته شهيدن جي يادگارن کي نشانو بڻائڻ، انهن جي بي حرمتي ڪري ۽ رياست جي علامتن تي حملي آور ٿي شرپسندن پاڪستان جي نظريي ۽ تشخص تي حملو ڪيو ۽ ملڪ جي دشمنن کي جشن ملهائڻ جو موقعو ڏنو. وزيرا??ظم چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي عزت جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي. 9 مئي جي المناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ واقعا باور ڪرائي رهيا آهن ته اسان کي اهڙن سمورن ماڻهن جي لاءِ نشاندهي ۽ انهن کي بي نقاب ڪرڻو آهي جيڪي پاڪستان جي بنيادن کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. 9 مئي جي واقعن پاڪستان جي محافظن ۽ معمارن ۽ ان کي ڪمزور ڪندڙن جي وچ ۾ ورڇ جي لڪير ڪڍي ڇڏي آ??ي. ??زيرا??ظم چيو ته اڄ اسان پنهنجي شهيدن جي عزت ۽ تڪريم کي برقرار رکڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. پاڪستان جو وجود عوام ۽ شهيدن جي وچ ۾ روحاني رشتي سان ڳنڍيل آ??ي. ??اڪستان جو قيام 20 هين صدي جو هڪ معجزو آهي ۽ ان جي عمارت شهيدن جي مقدس رت جي يقيني بنيادن تي بيٺل آهي. اسان ڪڏهن به انهن جي احسان جو بدلو نه ٿا ادا ڪري سگهون.