مظفر آباد – 22 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ قانونساز اسيمبلي م??مبر چوڌري قاسم مجيد پاران آجياڻو ڏنو ويو. آجياڻي ۾ آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق، اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان، پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري ياسين، (ن) ليگ جي صدر شاهه غلام ق??در ۽ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري لطيف اڪبر، سينيئر موسٽ وزير ڪرنل (ر) وقار احمد نور، وزير حڪومت فيصل ممتاز راٺور، پاڪستان پيپلزپارٽي جي قانونساز اسيمبلي م??مبرن کانسواءِ مسلم ليگ (ن) ۽ فارورڊ بلاڪ جي م??مبرن شرڪت ڪئي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سميت قانونساز اسيمبلي جي م??مبرن والا??يل واديءَ ۾ جي – 20 اجلاس تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان مڪمل اتفاق ڪيو.