اسلام آباد – 04 ?? مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪراچي کان ڀارت روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ڀارت جي شهر گووا ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ۾ شرڪت جي دعو?? انهن کي ڀارتي پرڏيهي وزير ڏني آهي جيڪو ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن ??ي ڪائونسل جو موجوده سربراهه آهي.