انقره – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جون اڳواٽ شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، اميد آهي ته هلندڙ مهيني آءِ ايم ايف سان ??تمي معاهدو ٿي ويندو، موجوده حڪومت پاڪستان ??ي عوام ۽ ڀائراڻي ۽ دوست ملڪن جي مدد سان ??هترين انداز ۾ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهي آهي، عمران ??ان کي سنگين بدعنواني ۽ غيرقانوني ڏيتي ليتي جا الزام درپيش آهن جنهن کي قانون موجب منهن ڏنو ويندو، پاڪستان ۽ ترڪيه ويجهي مستقبل ۾ بائيو گيس، شمسي توانائي ۽ پن بجلي جهڙن شعبن تي ڌيان ڏئي واپار کي وڌائڻ ۽ گڏيل ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي فروغ ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ??ي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ترڪيه جي قومي خابرو اداري اناطوليه کي خصوصي انٽرويو ڏيندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان ??ڃا به پراميد آهيون ته آءِ ايم ايف پروگرام عمل ۾ ايندو، آءِ ايم ايف پاران ??سان ??و نائون جائزو سمورين شرطن ۽ ضابطن سان هڪ جهڙائي رکي ٿو ۽ اميد آهي ته اسان کي هن مهيني ڪا سٺي خبر ملندي، اسان ??موريون شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، آءِ ايم ايف جي هر هڪ شرط کي اڳواٽ قدمن طور پورو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انهن م??ن ڪجهه قدم عام طور تي بورڊ جي منظوري کانپوءِ ڪيا وڃن ٿا پر هن ڀيري آءِ ايم ايف جي گهرج هئي ته انهن قدمن کي بورڊ جي منظوري کان ??ڳ پورو ڪيو وڃي، ان ??ي لاءِ اسان ??نهن کي پورو ڪيو. آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ??اڪ??م ٿيڻ جي صورت ۾ هنگامي منصوبي جي حوالي سان ??هباز شريف پاڪستاني قوم جي عزم ۽ استقامت تي زور ڏنو، پاڪستان ??ي عوام ماضي ۾ چئلينجز کي منهن ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسان پاڻ کي مضبوط ڪنداسين. هن چيو ته جڏهن موجوده حڪومت اپريل 2022ع ۾ عمران ??ان کي بي اعتمادي جي ووٽ جي ذريعي اقتدار کان هٽائي قائم ٿي ان وقت کان پاڪستان کي تمام گهڻا مسئلا درپيش آهن، اهي مسئلا گذريل حڪومت جي پاليسين، آگسٽ ۾ ايندڙ ٻوڏ ۽ مهانگائي جي ڪري آهن. هن چيو ته پاڪستان ??پريل 2022ع ۾ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هو ڇو ته ان وقت جي حڪومت آءِ ايم ايف معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي هئي ۽ معيشت تباهي جو شڪار هئي، پوءِ اسان ??ي ملڪ ۾ آگسٽ 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي، ان ??ان گڏ اسان کي عالمي صورتحال جي ڪري تيزي سان وڏندڙ مهانگائي پڻ درپيش آهي. هن زور ڏئي چيو ته سندس حڪومت پاڪستان ??ي عوام ۽ ڀائراڻي ۽ دوست ملڪن جي مدد سان ??هترين انداز ۾ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهي آهي. هن ملڪ جي موجوده صورتحال جي حوالي سان چيو ته عمران ??ان کي سنگين بدعنواني ۽ غيرقانوني ڏيتي ليتي جا الزام درپيش آهن جنهن کي قانون منهن ڏيندو. وزيراعظم چيو ته عمران ??ان پنهنجي گرفتاري جي صورت ۾ هڪ عرصي کان پنهنجي ماڻهن کي پرتشدد ردعمل ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ذهني طور تي تيار ڪري رهيو هو، اهو ان ??ي ٺڳن جو هڪ گروپ آهي، هن رياست پاڪستان ??ي خلاف انتهائي سنگين قدم جي منصوبابندي ڪئي، هن پنهنجي ماڻهن کي اتساهيو، ان ??ا بنا ڪنهن شڪ جي ثبوت موجود آهن. شهباز شريف چيو ته عمران ??ان ??ي حامين کي عمارتن کي باهه لڳائڻ، ادارن تي حملو ڪرڻ ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، جن ماڻهن شهري ٺڪاڻن تي حملو ڪيو آهي انهن جي خلاف سويلين قانون تحت ڪيس هلايو ويندو ۽ جن ماڻهن فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ۽ ادارن جي بي حرمتي ڪئي انهن جي خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪيس هلايو ويندو. هن واضح ڪيو ته اهو ايڪٽ 1951ع کان لاڳو آهي ۽ فوجي اهلڪارن کانسواءِ اهڙن عام شهرين تي ڪيس هلائڻ جي اجازت ڏي ٿو جن جي ڪجهه ڏوهاري ڪاررواين سان ??ڌوسنئون يا اڻ سڌي طرح تعلق آهي، ان ??يڪٽ تحت هڪ ڀيرو جج پاران ??زا ٻڌائڻ کانپوءِ مدعي وٽ ٻه اپيلون هونديون آهن، هو هاءِ ڪورٽ ۽ پوءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ اپيل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ان پوري عمل جو مقصد انصاف جي فراهمي يقيني بڻائڻ آهي ته جيئن پاڪستان ۾ ٻيهر ائين ڪڏهن به نه ٿئي، ڇا ڪو به مهذب ملڪ رياست جي خلاف اهڙي قسم جي ڀڃ ڊاهه جي اجازت ڏيندو جيڪو پاڪستان ۾ 9 مئي تي ٿيو؟ وزيراعظ?? مثال ڏيندي چيو ته جيڪو 6 جنوري 2021ع تي واشنگٽن ۾ ڪيپٽل هل ۾ ٿيو هو، ڇا انهن ڏوهارين تي ڪيس نه پيو هلايو وڃي ۽ انهن کي سخت سزائون نه پيون ڏنيون وڃن ته جيئن آمريڪا جي تاريخ ۾ اهڙو واقعو ٻيهر نه ٿئي؟ شهباز شريف ترڪيه جي عوام کي صدر رجب طيب اردوان ??ي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته آئون پنهنجي ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان ??ان گڏجي ڪم ڪندس، هو هڪ بصيرت وارو اڳواڻ ۽ عوامي خدمت تي يقين رکندڙ پرعزم شخصيت آهي، مون کي اميد آهي ته اسان ??ا لاڳاپا ڀائيچاري، افهام تفهيم ۽ اقتصادي تعاون جي لحاظ کان ??مام وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته اسان ??ا ٻئي ڀائر ملڪ هڪ روح وانگر آهن جن جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي، اسان مختلف زبانون ڳالهايون ٿا پر اسان ??مجهون ٿا ته اسان پنهنجي دل سان ڇا چئي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ويجهي مستقبل ۾ بائيو گيس، شمسي توانائي ۽ پن بجلي جهڙن شعبن تي ڌيان ڏئي واپار کي وڌائڻ ۽ گڏيل ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي فروغ ڏيندا.