لاهور – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پلاسٽڪ جي آلودگي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلاسٽڪ جي مرحليوار خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي ب??يادي ذميواري آهي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي م??قع?? تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان پلاسٽڪ جي آلودگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلاسٽڪ جي هڪ ڀيرو استعمال کانپوءِ ان جي خاتمي لاءِ عالمي برادري جي ڪوششن ۾ شامل ٿيڻ جي حوالي سان پنهنجي عزم جي تجديد ڪري ٿو. حڪومت پلاسٽڪ جي آلودگي جي خاتمي لاءِ قانوني طريقيڪار جوڙڻ جي حوالي سان قومي ۽ عالمي ڌرين سان فعال طور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چ??و ته خوشي جي ڳالهه آهي ته اسلام آباد ۾ پلاسٽڪ جي استعمال جي منع بابت 2023ع جي ريگيوليشن تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ان ضابطي تحت ٺوس فريم ورڪ ۾ پلاسٽڪ جي استعمال کي مرحليوار ختم ڪرڻ جي لاءِ مدي جو تعين ڪيو وين??و. ??ن چ??و ته اڄ جي ڏينهن معاشري جا سمورا طبقا حياتياتي تنوع جي تحفظ جي لاءِ گڏ ٿين ۽ ري سائيڪلنگ جي قدمن کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ شعور اجاگر ڪن. هن چ??و ته ايندڙ نسلن جي لاءِ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي ب??يادي ذميواري آهي.