اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪا??ي شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي 8 اسڪيمن جي لاءِ 840 مل??ن رپيا رکيا ويا آهن، انهن ۾ 5 جاري ۽ 3 نيون اسڪيمون شامل آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي جاري اسڪيمن جي لاءِ 619.395 مل??ن رپيا رکيا ويا آهن، انهن اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 1406.757 مل??ن رپيا لڳايو ويو جنهن مان 30 جون 2023ع تائين 792.761 مل??ن رپين جي خرچن جو اندازو لڳايو ويو آهي. ان ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاران امتحان منعقد ڪرڻ جي لاءِ ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽنگ، سول سورسز اڪيڊمي والٽن لاهور ۾ بولان هاسٽل جي ٻئي فلور جي تعمير، سارڪ بلڊنگ اسلام آباد ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ جو قيام، اين ايس پي پي لاهور جي اداراجاتي استحڪام ۽ ٽريننگ ۽ ريسرچ فنڪشنز جو فروغ ۽ سول سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس آفيسرز جي تربيتي سرگرمين جي فروغ جون اسڪيمون شامل آهن جن جي لاءِ ترتيبوار 35.64 مل??ن رپيا، 8 مل??ن رپيا، 59.8 مل??ن رپيا، 403.48 مل??ن رپيا، 112.43 مل??ن رپيا رکيا ويا آهن. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي نئين اسڪيمن ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ ۾ اڪيڊمڪ بلاڪس جي اپ گريڊيشن ۽ سيڪيورٽي قدمن، اين سي آر ڊي ڪمپليڪس (فيز – 3) چڪ شهزاد اسلام آباد جي اپ گريڊيشن ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ پشاور ۾ آڊيٽوريم جي تعمير شامل آهي جن جي لاءِ ترتيبوار 64.6 مل??ن رپيا، 35.99 مل??ن رپيا ۽ 120 مل??ن رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انهن نئين اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 309.72 مل??ن رپيا لڳايو ويو آهي.