اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترج??ان يونان جي سمنڊ ڪناري ويجهو ٻيڙي ٻڏڻ جي افسوسناڪ واقعي تي فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ ٻين متاثرين سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا، لاشن جي سڃاڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون جاري رهند??ون. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان واقعي ۾ ڪيترن ئي پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي، اسان جون دليون سمورن متاثرين ۽ ا??هن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. ترج??ان چيو ته اسان ميڊيا کي ان حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو آهي. 104 زندهه بچي ويندڙن ۾ 12 پاڪستاني شهري به شامل آهن ۽ ا??ي سٺي حالت ۾ آهن. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان مارجي ويل ?? گم ٿي ويل پاڪستانين جي شهرين جي انگ ۽ سڃاڻپ جي تصديق ڪرڻ کان قاصر رهيا آه??ون. يوناني عملدارن 84 لاش درآمد ڪيا آهن، انهن جي سڃاڻپ ڊي اين اي ميچنگ جي ذريعي ٿيندي. ترج??ان چيو ته لاڳاپيل عملدار جهاز ۾ موجود شڪي ماڻهن جي گهرڀاتين کان ڊي اين اي جا نمونا گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ ا??ي يوناني عملدارن کي ڏيندا. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان وڌيڪ چيو ته يونان ۾ پاڪستاني مشن ۾ سفير عمار آفتاب ۽ ا?? جي ٽيم گم ٿي ويل يا فوت ٿيندڙ پاڪستان جي شهرين جي ڳولا ۽ ا??هن جي سڃاڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي يوناني هم منصب سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جنهن ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا، لاشن جي سڃاڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. ترج??ان چيو ته ان ڏس ۾ اسان جون ڪوششون جاري رهند??ون.