لاهور – 13 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ فسادي، فتني ۽ هٿياربند جٿن جي ماسٽر مائنڊ شخص پنهنجي گهر ۾ ويهي جناح هائوس کي باهه لڳرائي، ??ناح هائوس قائداعظم محمد علي جناح جو گهر هو جنهن کي بيدرديءَ سان نقصان پهچايو ويو، اتي قائداعظم جي تصويرن کي باهه هنئي وئي، ڪو به محب وطن شخص اهڙي قسم جي ڪڌي حرڪت نه ٿو ڪري سگهي، 9 مئي جي واقعن ۾ جيڪو به ملوث آهي ان کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح هائوس جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام ڏٺو ته ڪ??ڙي طرح 9 مئي تي هٿياربند جٿن ۽ غنڊن جناح هائوس تي حملو ڪيو، حساس ٺڪاڻن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، شهيدن جي ??اد??ارن کي ساڙيو ويو، جناح هائوس جي اندر بدترين تباهي ڪئي وئي. جناح هائوس جي ڪوريڊور ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي تصويرن کي پيٽرول سان ساڙيو ويو، قائداعظم جي استعمال هيٺ گاڏين ۽ تاريخي شين کي ڀڃ ڊاهه ڪري باهه هنئي وئي، ??ناح هائوس جي مسجد کي به باهه هنئي وئي. هن چيو ته 9 مئي تي ٻارن جا اسڪول ساڙيا ويا، ايمبولينسن کي روڪي انهن کي باهه هنئي وئي، ??هيدن جي ??اد??ارن کي ساڙيو ويو، ايم ايم عالم جي جهاز ۽ ڪيپٽن شير خان جا مجسما ٽوڙي انهن کي باهه لڳائي وئي. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث شخص محب وطن نه ٿو ٿي سگهي، ??هڙو شخص ملڪ دشمن ئي ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته 9 مئي سانحي جي واقعن کي سياسي رنگ ڏئي ۽ ان کي انساني حقن جو مسئلو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. 9 مئي جي سانحي کانپوءِ پوري قوم ۽ پاڪستان جون محب وطن سياسي پارٽيون هڪ نئين عزم سان متحد ٿيون، عوام ۽ سياسي پارٽين جو مطالبو آهي ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن جو ماسٽر مائنڊ اهو فسادي عنصر آهي جنهن ملڪ کي اڏوهي وانگر کائڻ جي ڪوشش ڪئي، 9 مئي جي سانحي جو ماسٽر مائنڊ چوي ٿو ته اها تباهي ڪارڪنن ڪئي آهي، ??ن کي ته ڪجهه خبر ئي نه هئي، ڪڏهن هو ميديا تي الزام هڻي ٿو. هن چيو ته هي موصوف زمان پارڪ ۾ ويهي جلاءُ گهيراءُ جي منصوبابندي ڪندو رهيو، هن شخص کي ايترو شرم نه آهي جو هو عورتن بابت به ڪ??ڙ ڳالهائڻ کان نه ٿو ٿڪي، هن پنهنجي سياست جي خاطر عورتن ۽ شهيدن جي بي حرمتي ڪئي. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته جيڪي ماڻهو ان غنڊه گردي ۾ سهولتڪاري ڪندا رهيا اهي به ان ڏوهه جو حصو آهن، هن شخص کي ڪٽهڙي ۾ آڻي پڇڻ گهرجي ها ته 9 مئي تي حساس ٺڪاڻن ۽ قومي ملڪيتن کي ڇو نقصان پهچايو، ڇو ٻارن جا اسڪول ساڙيا ويا، انهن جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ هن چيو ته 9 مئي سانحي جي ڏوهارين کي قانون موجب سزا ڏني ويندي، ??هڙو مثال قائم ڪيو ويندو جو اڳتي ڪير به اهڙي قسم جي سازش ۽ ملڪ دشمني ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته 9 مئي جي واقعن کي سياست سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي، ??ساس ٺڪاڻا هجن يا عوامي ملڪيت، قانون واضح آهي، ڏوهارين کي لاڳاپيل قانونن تحت سزائون ڏنيون وينديون. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اسان جو موقف واضح آهي ته ڪ??هن به معصوم سان زيادتي نه ٿئي، 9 مئي سانحي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي جيو فينسنگ جي ذريعي سڃاڻپ ٿي، ??ن کانپوءِ نادرا جي ذريعي سڃاڻپ ٿي، ??هو پورو پراسيس آهي. هن چيو ته اهڙو تاثر ڏنو پيو وڃي ته هزارين عورتون جيلن ۾ آهن، انهن سان زيادتي ٿي آهي، ??يڪي عورتون جيلن ۾ هيون اهي ٻاهر اچي پاڻ چئي رهيون آهن ته انهن سان ڪا زيادتي ناهي ٿي. هيومن رائيٽس ڪميشن به رپورٽ جاري ڪئي ته ڪ??هن به عورت سان ڪا زيادتي ناهي ٿي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، ان جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي. هڪ سوال تي اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو هي اها ئي ممنوعه فنڊنگ هئي جنهن جو مقصد پاڪستان جي نوجوان نسل کي تباهه ڪرڻ هو، پاڪستان جي نوجوان نسل به عقل رکي ٿي، ??نهن کي خبر آهي ته ڪ??ر انهن کي استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هڪ فسادي ڪجهه ماڻهن جي ذهن سازي ڪئي ۽ پوءِ ان سازش تي عملدرآمد ڪرايو. هڪ سوال تي ??فا??ي وزير چيو ته 9 مئي سانحي جي ڏوهارين کي ضرور سزا ملندي. هن ملڪ جي ٽي ڀيرا چونڊيل وزيراعظم جعلي ڪيسز جي باوجود پنهنجو پاڻ کي قانون آڏو پيش ڪري مثال قائم ڪيو هو ته ڪ??ر قانون کان مٿانهون نه آهي. هڪ سوال تي مريم اورنگزيب چيو ته 9 مئي جي واقعن جو تعلق سياست سان نه آهي، ??يڪي ماڻهو ان سانحي ۾ ملوث هئا انهن جي خلاف ڪارروايون جاري آهن. شهيدن جي ??اد??ارن کي تباهه ڪرڻ ۽ ساڙيندڙن سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون.