اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پروفيسر وارث مير ڏاڍ آڏو حق جو ڪلمو پڙهندڙ وطن سان محبت ڪندڙ شخص هو. وز??راعظم آفيس طرفان جاري بيان مطابق وز??راعظم شهباز شريف مشهور صحافي، استاد ۽ دانشور پروفيسر وارث مير کي سندس ورسي تي خراج عقيدت پي?? ڪندي چيو ته هو ڏاڍ سامهون حق جو ڪلمو پڙهندڙ ۽ وطن سان محبت ڪندڙ شخص هو. وز??راعظم چيو ته پروفيسر وارث مير سچ لکڻ واري قلم ۽ حق سچ ڳالهائڻ جو وارث هو. سندس حق سچ چوڻ جي روايت سندس بهادر پٽ ??ڳيان وڌائي رهيا آهن. هن چيو ته هو ان قافلي جو حصو هو جنهن اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو ۽ سچ ڳالهائڻ ۾ ڪنهن مصلحت جو شڪار نه ٿيو. وز??راعظم چيو ته وارث مير پنهنجي ضمير ۽ تاريخ جي عدالت ۾ سرخرو ٿيو، الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ سندس پونئرن ک?? صبر عطا فرمائي.