اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن پشاور جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پ??اور ۾ فاٽا يونيورسٽي جي فيز ون جو افتتاح ڪندو، اها ??ونيورسٽي ضم ٿيل ضلعن جي پهرين يونيورسٽي آهي، جيڪا انهن ضلعن جي باصلاحيت نوجوانن کي عالمي معيار جي عين موجب اعليٰ تعليم فراهم ڪندي. 1.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ان يونيورسٽي جو بنياد مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت ج?? دور ۾ رکيو ويو هو. وزيراعظم پ??اور ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت خيبرپختونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ ??ڻ ورهائيندو. ان موقعي تي وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.