اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اردن ??ي وچ ۾ گڏيل ثقافت ۽ تاريخ جي بنياد تي بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان اردن ??ان واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ اردن ??ي عهدو ڇڏي??دڙ سفير ابراهيم يالا المدني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفادن ??ي لاءِ اردن ??ان اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ سياسي، ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا تي زور ڏنو. صدر اردن ??ي امن ڪوششن ۽ سياسي ۽ سفارتي ذريعن سان فلسطين جي مسئلي جي حمايت کي ساراهيو. هن فلسطين جي عوام جي خودمختياري واري حق جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. اسلامو فوبيا جي وڌ??دڙ واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر عالمي برادري پاران اهڙن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته بين المذاهب هم آهنگي، رواداري ۽ هڪ ٻ??ي جي مذهب جي گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر اردن ??ي عهدو ڇڏي??دڙ سفير جي پاڪستان ۾ قيام دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو.