اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڏکڻ ايشيا بابت ڊائريڪٽر جنرل جي سطح تي مشاورت جو ٽ??ون دور بيجنگ ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (ڏکڻ ايشيا) الياس محمود نظامي پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته چيني وفد جي سربراهي ڊائريڪٽر جنرل (ايشيائي معاملا) پرڏيهي وزارت ليو جن??ون?? ڪئي. ٻنهي ڌرين ڏکڻ ايشيا ۽ وسيع تر خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي مٽاسٽا ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل افهام تفهيم ۽ گڏيل خيالن ??و اظهار ڪيو ويو. بيجنگ جي دوري دوران ??ائريڪٽر جنرل الياس نظامي معاون پرڏيهي وزير نونگ رونگ سان پڻ ملاقات ڪئي جتي پاڪ چين لاڳاپن جي مثبت رخ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.