اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ موثر حڪمت عملي ت??ت بلوچستان ۾ نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چ??ي. ??گران وزيراعظم بجيٽ ۽ مصارف ۾ بهتر طريقيڪار تحت توازن کي برقرار رکندي وسيلن جي مناسب استعمال جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس ۾ نگران وڏو وزير، وزير ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪ??ي. ??زيراعظم چي?? ته بلوچستان معدنيات جي حوالي س??ن وسيع صلاحيت رکندڙ آهي جنهن سان ملڪ جي معيشت جي ت??قي جي حوالي س??ن فائدو کڻي سگ??جي ٿو. نگران وزيراعظم چي?? ته معدنيات سان مالا مال علائقن ۾ مواصلات جي موثر بنيادي ڍانچي جي موجودگي ۾ انهن وسيلن مان موثر طريقي س??ن فائدو حاصل ڪري سگ??جي ٿو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري بلوچستان وزيراعظم کي صوبي جي جاري ۽ تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن بابت بريفگن پڻ ڏني.