اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ پنج هزار رپين جي ڪرنسي نوٽ تي پابندي جي حوالي سان نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت اهڙي قسم جي جعلي نوٽيفڪيشن پکيڙيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات و??ري نگران وفاقي وزير بظاهر فنانس ڊويزن جي انٽرنل فنانس ونگ جي (جعلي) نوٽيفڪيشن جي ڪاپي جو حوالو ??يندي چيو ته اهو نوٽيفڪيشن جعلي آهي، اهڙي قسم جي جعلي نوٽيفڪيشن پکيڙيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت جي ٽوئيٽر هينڊلر ”فيڪٽ چيڪر“ پڻ ان نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏنو. ٽوئيٽر تي ج??ري بيان ۾ اطلاعات و??ري وزارت چيو ته جعلي خبرون پکيڙڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوين آهي پر اها قوم جي توهين به آهي، هر ڪنهن جي ذميو??ري آهي ته اهو اهڙي قسم ج?? غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪري.