ڪوئيٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان وفاق جي حيثيت سان پنهنجي ثقافتن، روايتن ۽ زبانن جي واڌويجهه سان سگهه حاصل ڪري ٿو، بلوچستان جو ??صل سرمايو ان جا ماڻهو ۽ اتان جي تهذيب آهي، هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ بلوچستان روشن روايتن جو ??مين آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پاڪستان ٽيليويزن جي هزارگي زبان جي افتتاحي پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ت?? هزارگي زبان ۾ پي ٽي وي نشريات شروع ڪرڻ تي دلي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، هن خطي ۾ پشتو، بلوچي، هزارگي ۽ فارسي زبانُون موجود آهن. بلوچستان ۾ ڳالهائجندڙ هڪ ٻي زبان کي قومي سطح تي اجاگر ڪيو پيو وڃي. بلوچستان ۾ ميڊيا صنعت کي فروغ ڏيڻ اسان جي ترجيح آهي. هزاره برادري سان اسان جون محبتون پراڻيون آهن، بلوچستان ۽ ڪوئيٽا ۾ هزاره برادري جي هڪ سڃاڻپ آهي. هن چيو ت?? هزاره برادري ۾ هڪ وڏو انگ دهشتگردي جو ??ڪار ٿيندڙ شهيدن جو ??هي، دهشتگردن بلوچستان جي هر طبقي کي نشانو بڻايو آهي، دهشتگردي جو مقابل?? اسان سڀني کي گڏجي ڪرڻو آهي، بلوچستان جو ??صل سرمايو هتان جا ماڻهو ۽ تهذيب آهي، بلوچستان ۾ رهندڙ سمورين برادرين کي هڪ جهڙا حق ميسر آهن. هن چيو ت?? پاڪستان ثقافتي سڃاڻپن جو گلدستو آهي جيڪو هڪ ٻئي کي مضبوطي سان پڪڙيل ۽ ڳنڍيل آهي. ٻين صوبن وانگر بلوچستان به نسلن ۽ قبيلن جو هڪ ڀرپور نمونو آهي، جتي انهن جي ثقافت ۽ قدر بلوچستان روايتن سان ڳنڍيل آهي. هن بلوچستان جي هزاره برادري کي ساراهيندي چيو ت?? ڪوئيٽا ۽ صوبي جي ترقي ۾ انهن جو ڪردار اهم آهي. هزاره برادري جي نمايان شخصيتن ۾ بلوچستان جو ??ڳوڻو گورنر جنرل (ر) محمد موسيٰ، سردار سادات ۽ برگيڊيئر خادم حسين شامل آهن جن پنهنجي ديانتداري سبب عزت حاصل ڪئي. هن دهشتگردي جي چئلينج جو مقابلو ڪرڻ تي هزاره برادري کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ت?? دهشتگردي سان ملڪ جا سمورا طبقا متاثر ٿيا. هن ان عزم جو ??ظهار ڪيو ت?? اتحاد سان قوم انهن عنصرن کي شڪست ڏئي سگهي ٿي، جيڪي برادرين ۾ نفرت ۽ فرق پيدا ڪن ٿا. نگران وزيراعظم بلوچستان ۽ پاڪستان کي امن جو گهوارو ٺاهڻ جي عزم جو ??ظهار ڪندي چيو ت?? امن سان فنون لطيفه کي فروغ ملندو آهي. نگران وزيراعظم هزاره برادري کي انهن جي علائقائي زبان ۾ پي ٽي وي جي پروگرام جي شروعات تي مبارڪباد ڏيندي ان اعتماد جو ??ظهار ڪيو ت?? باصلاحيت ڪميونٽي ان پليٽ فارم کي استعمال ڪري پنهنجي خوبصورت ثقافت کي اجاگر ڪندي. هن چيو ت?? پي ٽي وي هڪ تاريخي اثاثو آهي جنهن پنهنجي شاندار پروگرامن ذريعي قوم ۾ پذيرائي حاصل ڪئي. هن اداري جي ترقي لاءِ حڪومت پاران تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ??ظهار ڪيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پي ٽي وي بولان جي نئين لوگو جو ??فتتاح پڻ ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتض??ٰ سولنگي پڻ خطاب ڪيو. هزارگي جي شاعر قادر نيل هزارگي زبان جي پروگرام جي تاريخي شروعات تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتض??ٰ سولنگي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ت?? ان علائقائي پروگرام جي گلدستي ۾ هڪ خوبصورت اضافو ڪيو آهي. گلوڪاره زيبا نوري هزارگي لوڪ گيت ڳايو ۽ روايتي بلوچي لباس پهريل ٻارن هزارگي گانن جي ڌُنن تي رقص پيش ڪيو.