اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارال??ق ڪاڪڙ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۽ مشنز کي هدايت ڪئي آهي ته ٻاهرئين سيڙپڪارن کي راغب ??رڻ جي لاءِ روڊ شوز منعقد ڪيا وڃن ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني وڃي. اها ??دايت هن آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ۽ برطانيا ۾ پاڪستان جي هائي ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل سان ڳالهائيندي ڪئي جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مسعود خان ۽ ڊاڪٽر محمد فيصل نگران وزيرا??ظم کي پنهنجي مشنز جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو ۽ نگران وزيرا??ظم کان پرڏيهي پاليسي جي ڏس ۾ هدايت ورتيون. نگران وزيرا??ظم ٻنهي سفارتڪارن کي پنهنجي مشن ۾ ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي موثر طور تي اجاگر ??رڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيرا??ظم ٻنهي سفارتڪارن کي عالمي سطح تي معاشي حصيداري جي نئين ۽ منفرد موقعن جي نشاندهي ??رڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته پاڪستاني سفارتڪار ايس آئي ايف سي جي پليٽ فارم تحت شروع ڪيل منصوبن جي لاءِ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي راغب ??رڻ جي لاءِ روڊ شوز منعقد ڪن. هن چيو ته اوورسيز پاڪستاني اسان جو قومي اثاثو آهن، پاڪستاني سفارتخانا اوورسيز پاڪستانين کي قونصلر جي سطح تي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪن. نگران وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته اوورسيز پاڪستانين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني وڃي.