اسلام آباد – 08 – جنوري (اي ??ي پي) پاڪستان 6 جنوري تي ڪابل جي علائقي دشت برچي ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي شديد مذ??ت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي قيمتي جانين جو زيان ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام معصوم جانين جي زيان تي افغان عبوري حڪومت ۽ افغانستان جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪن ٿ??. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي شديد مذ??ت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ڏ?? جي هن گهڙيءَ ۾ افغانستان جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي.