اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان حل ڪڍيو وڃي، ڪراچي جي لاءِ بجلي جي بنا رڪاوٽ فرا??مي يقيني بڻائي وڃ?? ۽ ??جلي صارفين جي قوت خريد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪراچي اليڪٽرڪ (ڪي اليڪٽرڪ) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مونس عبدالله علوي جي قيادت ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي وف?? ملاقات ڪئي. وف?? ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪي اليڪٽرڪ مونس عبدالله علوي، چيف فنانس آفيسر ڪي اليڪٽرڪ عامر غزين?? ۽ ??يگيوليٽري آفيسر ڪي اليڪٽرڪ عمران قريشي شامل هئا. ان موقعي تي توانائي وارو نگران وف??قي وزير محمد علي، نيپرا چيئرمين وسيم مختار، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ريحان اختر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي نگران وزيراعظم کي ڪي اليڪٽرڪ جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وف?? نگران وزيراعظم جا ڪي اليڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا ح?? ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وف?? ڪي اليڪٽرڪ جي لاءِ 390 ارب رپين جي سيڙپڪاري پلان ۽ قابل تجديد توانائي جي 640 ميگاواٽ جي منصوبن جي لاءِ اگهن جي منظوري ۽ 1000 ميگاواٽ اضافي بجلي جي فرا??مي تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي گڏيل تعاون سان ڪراچي جي لاءِ بجلي جي بنا رڪاوٽ فرا??مي يقيني بڻائي ويندي، انهن قدمن سان سيڙپڪارن کي مثبت پيغام مليو آهي. نگران وزيراعظم توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان مستقل حل ڪڍيو وڃي. هن اها به هدايت ڪئي ته بجلي صارفين جي قوت خريد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي.