اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي روس، اٽلي ۽ منگوليا سان واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي لا??اپ?? ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان غيرملڪي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا فراهم ڪيا آهن، انهن کي پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري ڪ??رو??ار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار روس، اٽلي ۽ منگوليا جي نامزد سفيرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس جدا ج??ا ملاقات ڪئي ۽ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پاڪستان ۾ روسي فيڊريشن جي نامزد سفير البرٽ پي خوريف سان ڳالهائيندي صدر پاران روس سان واپار، م??يشت، سياحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفن لا??اپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته نئون سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لا??اپ?? کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. پاڪستان ۾ اٽلي جي نامزد سفير ماريلينا ارميلن سان ڳالهائيندي صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن چيو ته اطالوي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ت?? اٽلي ۾ رهندڙ پاڪستاني اٽلي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن اطالوي سفير کي پاڪستاني شاگردن کي ويزا ج??ري ڪرڻ ۾ تيزي آڻڻ ۾ مدد ڪرڻ جو پڻ چيو. پاڪستان ۾ منگوليا جي غيرمقيم سفير تووشين بدرا سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي لا??اپ?? کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر نئين مقرر ٿيندڙ سفيرن کي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي پاڪستان سان ٻطرفن لا??اپ?? کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.