ابوظهبي – 23 – مئي (??ي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان بهترين م??ڪ آهي، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. آءِ ٽي واري مملڪتي وزير پاڪستان ۽ يو اي اي جي آءِ ٽي ڪمپنين جي وچ ۾ حصيداري تي رائونڊ ٽيبل سيشن کي خطاب ڪ??ي رهي هئي. وزيراعظم شهباز شريف رائونڊ ٽيبل سيشن جي صدارت ڪئي. ان م??قعي تي يو اي اي ۽ پاڪستاني ٽيڪ ڪمپنين جا سربراهه پڻ موجود هئا. شزه فاطمه چيو ته مختلف ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن ڪ??ي رهيا آهيون، وزيراعظم جي هدايت تي معيشت، گورننس ۽ سوسائٽي کي ڊيجيٽلائيز ڪ??ي رهيا آهيون، آءِ ٽي ??يڪٽر موجوده حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، آءِ ٽي ??ي ش??بي ۾ نجي ش??بي جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته واڌويجهه جي ش??ح ۾ اضافو ۽ ترقي حصيداري کانسواءِ ممڪن نه آهي، حڪومت سنڀاليندي ئي وزيراعظم آءِ ٽي ش??بي کي پنهنجي ترجيح قرار ڏنو. ان م??قعي تي پاڪستاني ۽ اماراتي آءِ ٽي ڪمپينن جي وچ ۾ ٽن معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.