اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته آذربائيجان جي پرڏيهي وزير ??يهون بيراموف جي دوري پاڪستان ڌرين کي ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جامع جائزو وٺڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جو ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته آذربائيجان جي پرڏيهي وزير ??ي دوري دوران ٻنهي ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبو?? بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي ۽ دفاع، تعليم، ڪلائميٽ ايڪشن ۽ علائقائي رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن ش??بن ۾ تعاون جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته ڳ??له?? ٻولهه ۾ پارلياماني مٽاسٽا کي وڌائڻ، ثقافتي تعاون کي مضبو?? بڻائڻ ۽ عوام سان عوام جنهن ۾ شاگرد، تعليمي ادارا ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي به اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??ينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير ??يراموف گهڻ رخي فورمز تي ٻطرفي تعاون ۽ غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ي صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آذربائيجان جي پرڏيهي وزير ??يهون بيراموف پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ۽ وزيراعظم محمد شه??از شريف سان ملاقات ڪئي ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان تفصيلي ڳ??له?? ٻولهه ڪئي.