اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي ليبر پارٽي جي اڳواڻ ??ر ڪيئر اسٽارمر کي پارلياماني چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. نائب وزيراعظم سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي خوشي واري پي??ام ۾ چيو ته آئون برطانيا ۾ پارلياماني چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي ليبر پارٽي جي اڳواڻ ڪيئر اسٽارمر کي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا گڏيل تاريخ ۽ عوام سان عوام جي ??چ ۾ گهري ۽ وسيع البنياد لاڳاپا رکندڙ آهن. نائب وزيراعظم ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ??ر ڪيئر اسٽارمر جي حڪومت جي دور ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي ??چ ۾ ٻط??فا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿ??ندا ۽ ٻئي ملڪ عالمي امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.