اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته عوام حڪومت پاران جاري ڪيل حفاظتي هدايتن تي عمل ڪري، احتياط جيتوڻيڪ لازمي آهي پر ڊڄڻ جي قطعي ضرورت نه آهي، صحت جي عالمي اداري ڪرونا وائرس جي حوالي ??ان اسان جي ڪوششن کي ساراهيندي انهن کي دنيا ۾ بهترين قرار ڏنو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم عمران خان چيو ته آئون قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪرونا وائرس جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن جي آئون پاڻ ??اتي نگراني ڪري رهيو آهيان ۽ جلد توهان سان مخاطب ٿيندس.