اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته من??نجي ڪنهن سان دشمني نه آهي، نه ڪنهن کان بدلو وٺڻ چاهيان ٿو، ??يس??ائين ليڊرشپ جو احتساب نه ٿيندو ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، امير ۽ غريب ??ي وچ ۾ وڌندڙ فرق ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، ڪشمير جو مسئلو پوائنٽ آف نوريٽرن تي پهچي ويو آهي، ميرٽ ۽ ليڊرشپ جو احتساب جمهوريت ج?? بنيادي اصول آهي، ملڪ ۾ صحيح معنيٰ ۾ احتساب جو عمل نه هليو ته اسان اڳتي نه وڌي سگهنداسين. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ ??يش?? دوران پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس ??ي وبا کي من??ن ڏيڻ لاءِ حڪومتي قدمن ۽ پاليسي، معيشت ج?? صورتحال، پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي ڪاميابين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو.