اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن ??ار?? وفاقي وزير اسد عمر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چي?? آهي ته 20 جون تي سڄي پاڪستان ۾ ڪورونا جا 2969 مريض آڪسيجن تي ۽ 546 وينٽي ليٽرز تي هئا، ڪالهه الحمدالله اهو ??نگ گهٽ ٿي آڪسيجن تي 1762 ۽ وينٽي ليٽرز تي 394 هئا، يعني 28 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. هن چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز جي انتظامي ڪارروائي جو ۽ سڀ کان اهم عوام جي بهتر طرز عمل جي ڪاميابي نمايان آهي. هن چيو ته اهم ڳا??هه اها آهي ته ڪورونا جي وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ اسان سڀني جي گڏيل ذمي??ار?? آهي. حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪنداسين ته صحت به محفوظ هوندي ۽ روزگار به هلندو رهندو، نه ته جيڪو آمريڪا، برازيل ۽ ڀارت جهڙن ملڪن ۾ ٿي رهي?? آهي خدا نه ڪري اسان وٽ به ٿي سگهي ٿو.