اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فورس ڊي ملهايو پيو وڃي. ٽائيگر فورس ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي. ملڪ ۾ پهريون ڀيرو وڻڪاري مهم جي لاءِ جديد ٽڪينالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي. ??زي??اعظم عمران خان ٽائيگر فورس ايپليڪيشن ۾ گرين سيلفي ف??چر جي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايپليڪيشن ۾ جيو ٽيڪنگ جي خصوصي سهولت پڻ متعارف ڪرائي وئي. ??زي??اعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب ايپليڪيشن ذريعي لڳايل ٻوٽن جي لائيو لوڪيشن ۽ انگ معلوم ڪري سگهجي ٿو. ٻوٽا لڳائيندڙ رضاڪار ايپليڪيشن ذريعي پنهنجي گرين سيلفي اپ لوڊ ڪري سگهندا. نوجوانن ايپليڪيشن جو استعمال ڪن??ي ڪجهه ڪلاڪن دوران 16 هزار ٻوٽا لڳايا. خصوصي ايپليڪيشن پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي تعاون سان تيار ڪئي وئي. ??زي??اعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون ع??مان ڊار چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊيجيٽل وڻڪاري مهم شروع ٿي آهي، ڪراچي کان خيبر تائين لڳايل هڪ هڪ ٻوٽي جو لائيو رڪارڊ ستياب هوندو، اڪثر مخالف ڌر ميمبرن کي بوٽا ڳڻڻ جو شوق رهي ٿو، هن چيو ته مخالف ڌر ميمبر ايپليڪيشن ڊائون لوڊ ڪري گهر ويٺي ٻوٽو لڳائي سگهندا، چاهين ته تجربي طور پنهنجي گهر ۾ ٻوٽو لڳائي لائيو اپ ڊيٽ ڏسي وٺن.