اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي شين جي سستي اگهن تي فراهمي جي لاءِ 7 ارب رپين جي رليف پئڪيج کي عوام جي لاءِ تحفو قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اقتصادي استحڪام کانپوءِ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جو پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، رليف پئڪيج سان گهٽ آمدني وارن طبقن کي مه??نگ??ئي م??ن ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ م??د ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي جي نائن ??رڪز ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي دوري جي موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو.