اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ڪرونا وائرس سان ??سرندڙ ملڪن جون معيشتون تب??هي جو شڪار ٿي سگهن ٿيون، ترقي يافته ملڪ پاڪستان ??هڙي اسرندڙ ملڪ جا ڪجهه قرض معاف ڪرڻ تي غور ڪن. آمريڪي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪرونا جو مسئلو شدت اختيار ڪري ٿو ته ان ??ان ??ڪومت طرفان ??راب معيشت کي بهتر بنائڻ جي حڪومتي ڪوششون متاثر ٿيڻ، برآمدات ۾ گهٽتائي، بيروزگاري ۾ اضافي ۽ قرض جو بار وڌڻ جو خدشو آهي.