اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي ڪورونا وائرس با??ت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ رضاڪارن جي ضرورت ??هي?? ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ٽائيگرفورس جي ذميداري ۾ شامل ??هي?? ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي باقاعده ڪارڊز جاري ڪيا ويندا، ٽائيگر فورس مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام لاءِ به معلومات ڏيندي، ماڪڙ جي خاتمي لاءِ به ٽائيگر فورس جا رضاڪار ڪم ڪندا، ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم ۾ به رضاڪار فورس پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، پاڪستان وڌيڪ لاڪ ڊائون جي سٽ نٿو سهي سگهي، ڪورونا جي ڪري ٽيڪس وصولين ۾ 800 ارب روپين جي گهٽتائي ٿي ??هي?? اڳوڻين حڪومتن جي قرضن تي وياج جي مد ۾ 5 هزار ارب روپيا ادا ڪري چڪا آهيون، بجيٽ جي تياري جاري ??هي?? خرچا وڌيڪ گهٽ ڪرڻا پ??ندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي خطاب ڪندي ڪيو.