اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آ??ي ته مخالف ڌر جو گوجرانوالا جلسو فلاپ شو هو، اهي ماڻهو ذاتي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن ان جي لاءِ عوام ذاتي مفادن جي تحفظ لاءِ ٺاهيل هڪ ٽولي ک?? سپورٽ نه ڪندي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي سمجهندي هئي ته اقتدار انهن جو ??يد??ئشي حق آهي ۽ اهي سدائين واريون وٺندا رهندا پر وزيراعظم عمران خان اچي انهن کي اقتدار ک??ن ٻاهر ڪري ڇڏيو آ??ي، ان لاءِ هاڻي هٿ پير هڻي رهيون آهن، نواز شريف گذريل 40 سالن کان انهي نظام جو حصو رهيو آ??ي، هاڻي ڪٿان انقلابي اچي ويو، نواز شريف ۾ جيڪڏهن جرئت آهي ته وطن واپس اچي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن توهان ذاتي ايجنڊا کڻي هلندا ته قوم پٺيان نه ايندي، وزيراعظم عمران خان قومي ايجنڊا تي هلي رهيو آ??ي ان لاءِ پوري قوم ان سان گڏ بيٺل آهي.