اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي جي مشڪل جدوجهد ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ انشاءُ الله ڪامياب ٿينداسين، طاقتور ماڻهن کي قانون جي ماتحت ڪرڻ تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، غريب ماڻهو جيتري به چوري ڪري لنڊن ۾ جائيداد نٿو ڪري سگهي، ڪرپٽ ماڻهو ملڪ جو پئسو لُٽي ٻاهر کڻي ويا، مديني جي رياست جي اصولن کي اختيار ڪري پاڪستاني قوم عظ??م قوم بڻجندي، ڪا به قوم تعليم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، مستحق ۽ غريب شاگردن جي مدد لاءِ وفاقي حڪومت هر سال ساڍا 5 ارب روپين جا 70 هزار وظيفا ڏيندي، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جون حڪومتون به هر سال 15، 15 هزار اسڪالرشپس ڏينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن رحمت اللعالمين اسڪالرشپ پ??وگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پنجاب حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن اهو اسڪالرشپ پ??وگرام شروع ڪرايو، پنجاب جي وڏي وزير ان ۾ ذاتي دلچسپي ورتي، هاڻي خيبرپختونخوا ۽ وفاقي حڪومت به ان پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي، وزيراعظم ان خواهش جو اظهار ڪيو ته سڀ صوبا ان پروگرام کي هلائين، هن چيوته نبي ڪريم ﷺ دنيا جي تاريخ ۾ عظ??م ترين انسان آهي، پاڻ ﷺ جهڙو ڪير نه ڪڏهن هو ۽ نه ٿيندو، جيڪي عظ??م ڪاميابيون پاڻ ﷺ حاصل ڪيون اهي ڪنهن به پيغمبر کي حاصل نه ٿيون، اسان پاڻ ﷺ جي تعليم کي پنهنجي زند??ي جي مختلف شعبن ۾ لاڳو ناهي ڪيو، مديني جي رياست جا اصول اسان جي لاءِ بهترين رهنمائي فراهم ڪندا آهن، اسان جي حڪومت چاهي ٿي ته نبي ڪريم ﷺ جي تعليم ۽ اسوه کي زندگي ۾ شامل ڪري. نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست ۾ قانون جي بالادستي ۽ فلاحي رياست قائم ڪئي ۽ تعليمي ا??مر??نسي لاڳو ڪئي، نبي ڪريم ﷺ جڏهن ڪفار جا قيدي پڪڙيا ويا ته انهن مان هڪ قي??ي جي واپسي جي بدلي 10 مسلمانن کي پڙهائڻ جو شرط رکيو ۽ علم کي ترجيح ڏني. اسلام علم حاصل ڪرڻ کي عبادت جو درجو ڏنو ۽ ان لاءِ صدين تائين دنيا جا ڪيترائي نامور سائنسدان مسلمان ئي هئا ۽ هر شعبي ۾ مسلمانن قيادت ڪئي، وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ رحمت اللعالمين بڻائي موڪليو ويو آهي ان لاءِ پاڻ ﷺ جي نالي تي شروع ڪيل اهي وظيفا صرف مسلمانن جي لاءِ نه پر ملڪ ۾ ڪنهن به مذهب جا شاگرد فائدو کڻي سگهن ٿا. اهي اسڪالرشپ ميرٽ تي ڏنيون وينديون ۽ آن لائين درخواستون وصول ڪيون وينديون، پاڪستان ۾ ڪنهن به حڪومت ان طرح جا وظيفا ناهن ڏنا، وفاقي حڪومت هر سال ساڍا پنج ارب روپين جا 70 هزار وظيفا ڏيندي، 5 سالن تائين اهي وظيفا ڏنا ويندا ان طرح ان پروگرام تحت 28 ارب روپين جون ساڍا 3 لک اسڪالرشپ ڏنيون وينديون، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي حڪومت به هڪ هڪ ارب روپين سان 15 ،15 هزار اسڪالرشپ ڏينديون.