فيصل آباد – پهرين مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ميان فرخ حبيب شهر جي مختلف يوٽيلٽي اسٽورز جو اوچتو دورو ڪيو ۽ اتي موجود شين جي ڪوالٽي ۽ وزن ۽ اگهه چيڪ ڪيا جڏهن ته خريدارن کان شين جي قيمتن ۽ معيا?? بابت پڻ معلوم ڪيو. مملڪتي وزير يوٽيلٽي اسٽورز جي سمن آباد ڦاٽڪ ويجهو ۽ سمندري روڊ چناب گارڊن ڪالوني برانچز ۾ ويو ۽ اتي دستياب شين ??و جائزو ورتو. هن خريداري ۾ مصروف شهرين ک??ن کاڌي پي??ي جي شين جي مقدار ۽ معيا?? بابت معلوم ڪيو ۽ ڪجهه پيڪ شين جو وزن ڪري انهن جي مقدار چيڪ ڪرڻ سميت انهن تي لکيل تياري جي تاريخ پڻ چيڪ ڪئي.