اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان سان ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ع??را?? خان سان سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ ۾ قانونسازي ۽ ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شهزاد وسيم وزيراعظم کي حڪومتي پاليسين جي ڪري ڪورونا وبا جي باوجود ملڪي اقتصادي ترقي لاءِ اشا??ن ۾ مثبت تبديلي تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم ع??را?? خان سان ڪراچي سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن به ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ خاص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو، جڏهن ته اسيمبلي ميمب??ن ۾ عطاءُ الله خان، فهيم خان، آفتاب جهانگير، اسلم خان ۽ ڪيپٽن (ر) جميل خان شامل هئا، ملاقات ۾ ڪراچي جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ وفاقي حڪومت جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم ع??را?? خان سان ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، عامر مح??ود ڪياني ۽ سيف الله نيازي به ملاقات ڪئي.