لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ اسان جي ??ڪومت جي ڪارڪردگي جي ??ڪاس هوندي، بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪيو ويندو، آمدني ۾ اضافو ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي لاءِ قدم کنيا ويندا، اليڪشن سڌارن سميت ٻين اهم معاملن تي مخالف ڌر کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومتي چاهي ٿي ته اليڪشن ڪميشن تجرباتي بنيادن تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو استعمال ڪري، قومي ادارن جي ??ندر ماضي جي ??ڪومتن سياسي ڀرتيون ڪيون، فيٽف ۾ پاڪستان کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مي??يا سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات و??ري وزير چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي پاليسين جي ڪري ملڪ جنهن گهيري ۾ ڦاٿل هو، الحمد الله اڄ ان کان ٻاهر اچي ويو آهي، بجيٽ جي ??نيادي هدفن جو ذڪر ڪندي اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال جو بجيٽ اسان جي گذريل سالن جي ڪارڪردگي جو عڪاس هوندو، ان سان اسان جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي. ترقياتي بجيٽ ۾ اضافو، پگهاردار طبقي کي رليف، مهانگائي ۾ گهٽتائي جهڙن قدمن سميت آمدني ۾ اضافي تي بنيادي ڌيان ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب فنانس ٽيم بجيٽ تيار ڪري رهي آهي. هن چيو ته پوري دنيا هن وقت ڪورونا وائرس جي وبا سان وڙهي رهي آهي، اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي معيشت هن وقت منفي 7.3 کان هيٺ آهي، ٻين ملڪن ۾ به معاشي حالتون ڪافي تبديل ٿيون آهن پر اسان وٽ صورتحال بلڪل مختلف آهي، اسان جي معاشي صورتحال مستحڪم ۽ بهتر آهي. هن چيو ته اسان مخالف ڌر سان چونڊ سڌارن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون، وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر وکريل آهي، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جون پاليسيون ڪليئر ٿي وينديون ته پوءِ معلوم ٿيندو ته مولانا فضل الرحمان ڇا چاهي ٿو؟ انهن ٽنهي جو قبلو هڪ ٻئي کان مختلف آهي، کين هڪٻئي جي ??مجهه نه اچي رهي آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جو ملڪي سياست ۾ هڪ اهم ڪردار هوندو آهي، اسان ان ڪردار کي تسليم ڪريون ٿا، اليڪشن سڌارن ۽ عدالتي سڌارن تي مخالف ڌر کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.