اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پا??ستان ۾ پهريون ڀيرو معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح هيٺين طبقي جي مالي مدد سان گڏوگڏ انهن کي روزگار ۾ پا??ڀرو بڻائڻ آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪامياب پا??ستان پروگرام جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، خاص مددگار وقار مسعود، عثمان ڊار، نئون پا??ستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، حبيب بئ??ڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا، پنجاب بئ??ڪ جي صدر ظفر مسعود، سميت لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪامياب ڪاروبار، ڪامياب آبادگار، ڪامياب هنرمند پروگرام، گهٽ لاڳت ??اري رهائشي اسڪيمن ۽ ڪامياب پا??ستان هائوسنگ لاءِ هول سيل ليڊنگ کي هڪ پروگرام ڪامياب پا??ستان پروگرام ۾ شامل ڪرڻ تي بريفنگ ڏني وئي.