اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جڏهن تحريڪ طالبان پاڪس??ان (ٽي ٽي پي) کي هندس??ان کان فنڊ ئي نه ملندا ته انهن جي چيلهه پاڻهي ٽٽي ويندي، اسان افغانس??ان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهيون ٿا جنهن تي افغانس??ان ۾ سمورن گروپن جو اتفاق هجي، افغانس??ان جي اندر فيصلي سازي جو اختيار افغان عوام جو حق آهي. اها ڳالهه هن ٽي آر ٽي ورلڊ سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان افغانس??ان جي معاملي تي چين، ترڪي، آمريڪا، برطانيه سميت سمورن علائقائي ملڪن سان رابطي ۾ آهيون، خطي جا ملڪ افغانس??ان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار اد?? ڪري سگهن ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته اسان هڪ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانس??ان کي استحڪام طرف وٺي وڃي سگهجي. هن چيو ته پاڪس??ان مثبت صورتحال جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان طالبان ۽ آمريڪا کي ڳالهين تي راضي ڪيو، ڪابل جي حڪومت سان به طالبان جون ڳالهيون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان اشرف غني جو رويو درست نه هو. هن چيو ته اسان جو طالبان تي ڪنٽرول نه آهي ۽ نه ئي اسان وٽ طالبان جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ جو ڪو اختيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغان طالبان جي ترجمان پاران اهو بيان ته افغانس??ان جي سرزمين ڪنهن ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏ??ي ويندي، خوش آئنده آهي. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڀارت افغانس??ان ۾ ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن کي پاڪس??ان ۾ دهشتگردي لاءِ فنڊنگ ڪري رهيو هو، ان جو هاڻي خاتمو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته افعانس??ان جي حوالي سان اسان جو بنيادي شرط آهي ته افغانس??ان جي سرزمين ڪنهن به ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏ??ي ويندي ۽ ڪنهن به قيمت تي افغانس??ان کي عالمي دهشتگرد تنظيمن جو مرڪز نه بڻجڻ ڏنو ويندو.